اورنگا بندر

اورنگا بندر: سامونڊي ڦٽل بندر جا نشان سن ١٠٦٠ هه (تذڪره اميرخاني) ١٦٥٠ع (سيوھڻ صدين کان) جا آهن. هيءُ ماڳ تعلقي جاتي ۾ پکار سير جي ڪپر تي آهي. مختلف تاريخدانن ھن بندر کي جدا جدا نالن سان سڏيو آھي. اورنگا بندر جو بنياد ١٦٥٠ع ۾ اورنگزيب وڌو ھو بزرگ ابراھيم عرف ميان غوث البغوي والحموي ثم درائي جنھن حضور جن جو وار مبارڪ آندو ھو، جيڪو اڃا تائين شاھبندر جي ويران شھر ۾ موجود آھي(؟) ان جا وڏا ٩٩٥ هه / 1586تائين ديري ۾ رھيا ٿي، اهي ١٠١٢ هه/ 1603ع ۾ اورنگا ۾ اچي آباد ٿيا (سن جو فرق تاريخدانن لاءِ توجهه طلب آھي) ١٦٩٩ع ۾ اليگزنڊر ھئملٽن جڏھن ٺٽي آيو ھو ته ان وقت بستا بندر ۽ اورنگا بندر سنڌ جا مکيھ بندر ھئا.... جھاز رانن کي سختيءَ سان حڪم ھو ته پنھنجا جھاز نئين بندر تي آڻين. نئون بندر ڪن نيڪ ماڻھن لاءِ به ڪشش جو باعث بنيو، پير لاکو، قاضي قطب الدين، حاجي قائم ۽ گل شاهه درويشن جا آستانه ۽ مقبرا اتي آھن. ١٩٤١ع تائين ھن شھر جا کنڊر چڱي حالت ۾ ھئا (ٺٽو صدين کان). اورنگا بندر جنھن کي عالمگير (٤٠- ١٠٤١هه) جي مابين، سمنڊ مان ٺٽي ڏانھن ھيٺ ايندڙ شاخ مٿان ٺھرايو ھو، سو غلام شاهه ڪلھوڙي جي زماني تائين آباد ھو. ۽ ربيع الثاني ١١٧٢ هه (ڊسمبر ١٧٥٨ع) ۾ ھن شاهه ڳڙهه ۽ شاهه بندر آباد ڪيا، ان وقت اورنگا بندر کي ڦٽائي اتي جي ماڻھن کي وٺي اچي پنھنجي نو آباديءَ ۾ ويھاريو (اميرخاني). اھو بندرگاهه درحقيقت عالمگير اندروني وڳوڙن کي سامونڊي رستي سان منھن ڏيڻ لاءِ آباد ڪيو ھو ۽ اھو خيال به ھئس ته نفعو به ڪمائجي. عالمگير پنھنجو ذاتي جھاز ھلائڻ شروع ڪيو ھو.


لفظ اورنگا بندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو